صديقي سڪو

صديقي (سڪو): ميسور سلطنت جو هڪ ‘طلائي سڪو ’ جنهن جو وزن 106 گرين هو ۽ قيمت جي اعتبار سان ٻن پگوڊن طلائي سڪن جي برابر هو. پگوڊا دراصل ڏکڻ هندستان جو طلائي سڪو هو، صديقي طلائي سڪو شهيد ٽيپو سلطان (1163هه/1760ع تا 1313هه/1799ع) پنهنجي دور ۾ ميسور جي سلطنت ۾ رائج ڪيو. ميسور سلطنت جو باني ۽ پهريون حاڪم شهيد ٽيپو سلطان جو پيءُ حيدر علي خان (1134هه/1722ع تا1196هه/1782ع) هو ۽ 1196هه/1782ع ۾ حيدر علي خان هو ان جي وفات کانپوءِ اقتدار ٽيپو سلطان سنڀاليو. ٽيپو سلطان پنهنجي دور ۾اڪثر سڪا خلفاٰءِ راشدين ۽ حضرات محمدو آل محمد عليهم السلام جي نالن سان موسوم ڪيا، جن ۾ صديقي طلائي سڪي کانسواءِ هُن ٻيا به سڪا رائج ڪيا، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا: (1) فاروقي سڪو، روپيو- امامي سڪو، اٺ آنا، (2) باقري سڪو، ٻه آنا، ۽ (3) ڪاظمي سڪو وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو